حيدري نذير حسين

حيدري، نذير حسين: حڪيم نظير حسين حيدري ولد غلام علي خواجه، 14 مئي 1941ع تي نندي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. هي لاڙ جو بهترين صحافي، اديب، عالم ۽ مفڪر هو. هن جا وڏا آغاخاني خواجا هئا، جيڪي بعد ۾ جعفري طريقي ۾ داخل ٿيا. سندس والد کلن جو وڏو واپاري هو. هيءُ شروعات ۾ لوڪل بورڊ ۾ منشي مقرر ٿيو. هن جي وقت ۾ بدين اندر پيرن ۽ ميرن جو وڏو اثر رسوخ هو. لاڙ ۾ پاڻيءَ جي ڍنڍن تي مير، پير، وزير توڙي منشي شڪار ۽ عياشين لاءِ ايندا هئا. ساڳئي وقت اتي جي مسڪين هارين، پورهيتن جي معاشي توڙي گهرو حالت تمام ابتر هئي. ناقص رياستي نظام هئڻ سبب جاگيردار ۽ زميندار هارين جو ڪمايل فصل ٻئي مٿا ٻهاري ويندا هئا. هن اهڙين ناانصافين سان بغاوت ڪري ڍڪ جو منشيگيري ترڪ ڪئي. هن 1938ع ۾ سياسي زندگيءَ جو آغاز مسلم ليگ کان ڪيو. بدين شهر ۾ هارين جي جماعت جو بنياد وڌائين. ٿوري ئي وقت اندر مجلسن توڙي سياسي اجتماعن ۾نالو ڪڍيائين. ڪيترا ڀيرا جيل به ويو. 1953ع ۾ ’اعلان حق‘ جي نالي سان اخبار جاري ڪيائين، جنهن ۾هارين پورهيتن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاريندو رهيو. هـيءُ اعـلـيٰ پايـي جـو ليکڪ به هو، هن هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيا: (1) ’دانجو‘، (2) ’جمهوريت يا تماشو‘، (3) ’منهنجي سياسي زندگيءَ جي آکاڻي‘، (4) ’خدا ۽ طبعزاد خطا‘ ۽ (5) ’دهريت ته دنيانيت سلامت‘ ۽ (6) ’ندا ۽ طبع زاد خدا‘ گهڻو مقبول ٿيا. سنڌ جو مشهور شاعر شمشير الحيدري سندس ڀائٽيو آهي. حڪيم نذير حسين 17 فبروري 1976ع تي بدين ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.05.14  عيسوي

حڪيم نظير حسين حيدري ولد غلام علي خواجه، 14 مئي 1941ع تي نندي، ضلعي بدين ۾ ڄائو.


1976.02.17  عيسوي

حڪيم نذير حسين 17 فبروري 1976ع تي بدين ۾ وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آر بي سارنگ
سرفراز وسطڙو
انور سومرو
پريل دايو
اخترعلي
ابوبڪر خان مگسي
سيد سبط حسن
قاضي اسد عابد
زلف پيرزادو
سيد سردار علي شاهه ذاڪر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون